مولانا عبدالڪريم لغاري

مولانا عبدالڪريم لغاري

عبدالڪريم لغاري مولانا

عبدالڪريم لغاري، مولانا: نامور عالم، محقق، تاريخدان ۽ سماج سڌارڪ مولانا عبدالڪريم لغاري ولد حاجي علي محمد 12 مارچ 1915ع تي ضلعي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ڳاڙهي صدر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مقامي مڪتب ۾ حاصل ڪري، سنڌ جي جيد عالمن مولانا عبدالحق رباني، مولانا محمد عثمان قراني، مولانا نوح خاصخيلي ۽ ٻين وٽ پڙهيو. علم جي تڪميل لاءِ دارالعلوم ديوبند ويو، جتي ٽن سالن تائين رهي مختلف علمن جي سند حاصل ڪيائين. ديوبند ۾ پڙهڻ وقت برصغير تي انگريزن جو راڄ هو، جنهن خلاف آزاديءَ جون تحريڪون عروج تي هيون ۽ ديوبند ۾ مولانا عبيدالله سنڌي سياسي تربيت ڏئي رهيو هو، جنهن سان گڏ مولانا حُسين احمد مدني پڻ شاگردن ۾ سياسي روح ڦوڪي رهيو هو. مولانا عبدالڪريم، مولانا حسين احمد مدنيءَ جي زير اثر هو، جنهن کيس خاص هدايت ڏني ته مدرسي ۾ فراغت بعد تنگ سوچ ختم ڪري هڪ مسجد تائين محدود ٿيڻ بجاءِ خلق جي خدمت جي جذبي سان سرشار شهريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. مولانا عبدالڪريم دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿيڻ بعد واپس اچي مسڻ ۾ پنهنجي سوٽ مولانا اسماعيل لغاريءَ جي مدرسي دارالهديٰ ۾ استاد جي حيثيت سان پڙهائڻ لڳو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ‘ملا مڪتب’ نالي بنيادي تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪيائين، بعد ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي طرز تي هڪ اسلاميه هاءِ اسڪول جو بنياد رکيائين. سندس انهيءَ اسڪول ۾ غريب شاگردن کي مفت رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ وظيفو پڻ ڏنو ويندو هو. هن مسڻ ۾ ٽپال گهر، گرلس پرائمري اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول ۽ مسڻ کان سلطان آباد تائين ڪچو رستو ٺهرايو. پاڻ عالم دين هجڻ سان گڏ عربي، فارسي ۽ سنڌي جو بهترين اديب ۽ شاعر به هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘مرد قلندر’ (سوانح حيات) ۽ ‘سڪ جو سفر’ (سفرنامو)، ‘ٿڌا وڻ ولهار جا’ (تاريخ) ۽ ‘قصيده برده شريف’ شامل آهن. سندس شاعريءَ جا مجموعا ‘بياض ڪريم’ ۽ ‘بياض زاهد’ قلمي صورت ۾ اشاعت العلوم لائبريري مسڻ ۾ موجود آهن. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. سندس شاگرد پڻ وسيع حلقو رکن ٿا، جن ۾ مولانا محمد عمر دائوداڻي، مولوي محمد يامين شورو، مولوي محمد ابراهيم ڪنڀار، مولوي محمد حسن لغاري، مولوي مير محمد لغاري، عبداللطيف مڱريو (اڳوڻو ايم. پي. اي)، محمد هاشم لغاري (اڳوڻو سيڪريٽري)، محمد حسين لغاري (سرجن ڊاڪٽر)، عبدالعزيز لغاري (سرجن ڊاڪٽر)، امان الله ڪنڀار، عوامي شاعر خليل کوسو، ڊاڪٽر راڻو رکيسر (مسڻ) وغيره قابل ذڪر آهن. مولانا عبدالڪريم لغاري 27 نومبر 2004ع تي وفات ڪئي. کيس مسڻ واري قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.03.12  عيسوي

مولانا عبدالڪريم لغاري ولد حاجي علي محمد 12 مارچ 1915ع تي ضلعي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ڳاڙهي صدر ۾ ڄائو.


2004.11.27  عيسوي

مولانا عبدالڪريم لغاري 27 نومبر 2004ع تي وفات ڪئي. کيس مسڻ واري قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد عارف سيوستاني
ترمذي
مير حيدرالدين سبزواري
در محمد نوناري مولانا
عبدالله ابو محمد انڍڙ
عبدالحليم ڪنڊوي مولانا
ابڙو اضعف ھالائي
علامه غلام صديق شهدادڪوٽي
عبدالله لغاري مولانا
شيخ نوح هوٿياڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون